فرض ۾ ڪوتاهي،عوامي شڪايتن تي 6 پوليس اهلڪار معطل

فرض ۾ ڪوتاهي،عوامي شڪايتن تي 6 پوليس اهلڪار معطل

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) فرضن ۾ ڪوتاهي ۽ عوامي شڪايتن تي ڊي آئي جي سکر  پاران گهوٽڪي جا 6 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم  جاري ڪري ڇڏيو. گهوٽڪي ضلعي جي ڇهن پوليس اهلڪارن  SIP محمد شهبان چاچڙ،  WHC/67  سچل ٿهيم،  PC/2937 آصف گرگيج،  PC/762 طالب جهٽيال،  PC/2242  راشد علي ۽   DPC/1273 عبدالوهاب شامل آهن جن کي فرضن ۾ ڪوتاهيون ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن تي  DIGP سکر اقبال دارا طرفان معطل ڪري هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم  جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته ان کان پهريون به عوامي شڪايتن تي ڪيترن ئي پوليس آفيسرن توڙي اهلڪارن کي معطل ، ريورٽ، سسپنڊ ۽ ٻن سالن جي سروس ختم سميت ادارتي ڪاروايون ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو