اسٽيم سيلز دل جي بيمارين ۽ فالج جي علاج ۾ ثابت ناهن ٿيا

اسٽيم سيلز دل جي بيمارين ۽ فالج جي علاج ۾ ثابت ناهن ٿيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته رت جي ڪينسر سميت ٿلهيسيميا، هيموفيليا، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ جسماني عضون جي منتقلي اسٽيم سيل ٿراپي ذريعي ٿي سگهي ٿي, پر ڪجهه خانگي اسپتالون اسٽيم سيل ٿراپي ذريعي آٽزم، فالج، بانجھ پن ۽ ٻين بيمارين جو علاج ڪري رهيون آهن ۽ ان کان به وڌيڪ حيرت واري ڳالهه اها آهي ته اهي مرڪز مريضن کان علاج جو معاوضو وٺي رهيا آهن جيڪي منظور نه آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رت جي مرض جي ماهر ڊاڪٽر سلمان عادل، ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر نتاشا علي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر احسن قوي، هيومن آرگن ٽرانسپلانٽ اٿارٽي (HOTA) جو ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر اعجاز خانزادو پڻ ساڻس گڏ هئا. سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته اسٽيم سيلز دل جي بيمارين ۽ فالج جي علاج ۾ ثابت نه ٿيا آهن. ان جو ڪلينڪل ٽرائل هلي رهيو آهي ان ڪري تجربن کي علاج طور پيش ڪري مريضن کان وڏيون فيس وصول ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. هن چيو ته باقاعده مريض کي اهڙن تجربن بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ ان جي رضامندي سان اهو عمل بغير ڪنهن فيس جي ڪيو ويندو آهي ۽ اهو طريقو اولهه ۾ به اختيار ڪيو ويندو آهي، پر شعور جي کوٽ سبب مريضن کي مختلف طريقن سان اشتهارن ۽ پبليڪيشن ذريعي لالچايو پيو وڃي، جڏهن ته جيڪڏهن ڪو ادارو اهڙو تجربو ڪرڻ چاهي ته هيومن آرگن ٽرانسپلانٽيشن اٿارٽي (HOTA) کان اجازت گهري ٿي. جيڪو سڀني ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته اسان پريس ڪانفرنس ذريعي اهڙن سمورن ادارن کي پيغام ڏنو آهي ته هو اهو عمل فوري طور بند ڪن يا سرڪاري اجازت کان پوءِ اهو عمل ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ۾ ميڊيڪل اسٽاف جون ڊيوٽيون لڳائڻ بابت هن ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته صحت کاتي جي عملي جون چونڊون ڊيوٽيون نه لڳايون وڃن. ڇو ته سنڌ جو صحت کاتو اڳ ۾ ئي 60 سيڪڙو افرادي قوت سان ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسپتالون اڳ ئي وائرل انفيڪشن سبب دٻاءُ ۾ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو