اسلام آباد( بيورو رپورٽ) ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن تي فائر بندي جي خلاف ورزي ڪندي شهري آباد کي نشانو بڻايو جنهن سبب هڪ فوجي لانس نائڪ زاهد ۽ 6 شهري شهيد ٿي ويا. جڏهن ته ٻن سپاهين ۽ 9 شهرين سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. هڪ ڏينهن ۾ هن سال ٿيل خلاف ورزين دوران وڏي ۾ وڏو جاني نقصان آهي. فوج جي تعلقات عامه جي شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ڪنٽرول لائن تي جوار، شاهه ڪوٽ ۽ نوسهري سيڪٽرز ۾ بلا اشتعال فائرنگ ڪئي. زخمين کي ضلعي اسپتال پهچايو ويو آهي. فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور موجب پاڪستان ڀرپور جوابي ڪاروائي ڪئي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن. هن چيو ته ڀارتي فو جي وحشي پڻي جي اها انتها آهي، دنيا کي خاموش رهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ڀارت مبينه شدت پسندن جي ڪيمپن جو بهانو بڻائي شهري آبادي کي نشانو بڻائي پيو. هن وڌيڪ چيو ته اقوام متحده جي فوجي مبصرن کي آزاد ڪشمير ۾ کليل رسائي حاصل آهي جڏهن ته ڀارت اجاز نٿو ڏئي. مظفرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر بدر منير موجب ڀارت جي شيلنگ تمام خطرناڪ آهي گذريل رات کان شروع ٿيل هيور شيلنگ وقفي وقفي سان جاري آهي ۽ نيلم ويلي ۾ گهٽ ۾ گھهت 9 شهري زخمي ٿيا آهن. ڊان نيوز موجب هن مهل تائين 43 دڪان، 53 گهر 6 گاڏيون ۽ 3 موٽر سائيڪلون تباهه ٿيون آهن.











اڄ آزاد ڪشمير ۾ ڪيل بھارت پاران فائرنگ دوران پاڪستان پاران ڪو به جوابي ردي عمل ناھي صرف ھي صرف ڊفينس ڪيو ويو آھي اگر جي پاڪستان پاران اگر جوابي ڪاروائي ٿي ھا ته بھارت جو ڪو فوجي جوان زنده واپس نه وجين ھا مظفرآباد شھر کان نوسيري جي علائقي تائين ٽريھ کان پنٽريھ ڪلو ميٽر جو فاصلو آھي حيرت جي ڳالھ ته اھا آھي اسان جي فوج ڪوبه ردي عمل نه ڏيکاريو آھي