ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) راڌڻ ميهڙ روڊ تي گوپانگ رائيس مل وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ پاٽ جو رهواسي نوجوان علي بخش تيوڻو ۽ سندس گهرواري سخت زخمي ٿي پيا جن کي راهه گيرن ٿرڙي محبت پي پي ايڇ آءِ جي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي ميهڙ اسپتال علاج لاءِ ريفر ڪري ڇڏيو.










