ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جو سج بابت مشاهداتي خلائي مشن پنهنجي منزل تي پهچي ويو آهي. ’ادتيا ايل ون‘ 2 سيپٽمبر تي اڏام ڀري هئي ۽ چئن مهينن بعد پنهنجي منزل تي پهتو آهي. ڀارت گذريل سال چنڊ تي ڪاميابي سان لينڊ ڪرڻ جي چند ڏينهن بعد هي مشن روانو ڪيو هو. ڀارت دنيا جو پهريون ملڪ آهي جيڪو چنڊ جي ڏاکڻي حصي تي پهتو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي خوشي جو اظهار ڪندي ٽوئٽر تي لکيو آهي ته هي هڪ پيچيدا معاملو هو پر اسانجي سائنسدانن پنهنجي محنت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هندو مذهب ۾ سج جي ديوتا کي ادتيا سڏيو ويو آهي ۽ ان نسبت سان هن مشن جو نالو رکيو ويو آهي. ايل ون جو مطلب ليگ رينج پوائنٽ ون، آهي، هي خلا ۾ اها جاءِ آهي جتي سج ۽ ڌرتي جي ڪشش ثقل هڪٻئي کي زيرو ڪن ٿيون ۽ ان مقام تي اڏام ممڪن آهي. ڀارتي مشن ان جاءِ تان سج بابت تحقيق ڪندو.
Finally 126 days after launch, #AdityaL1 has SUCCESSFULLY entered into a halo orbit around the L1 point!! ????
Massive congrats to #ISRO for successfully parking a spacecraft at the L1 point on their first attempt! ????????
Minutes ago, Aditya-L1 fired its thrusters for its final major… pic.twitter.com/m7o7Y1Drvh
— ISRO Spaceflight (@ISROSpaceflight) January 6, 2024
ڀارت جي سج مشن جي لاڳت جي خبر ناهي پر ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اها 4 ڪروڙ 60 لک ڊالر آهي. ڇنڇر جي مشن جي ڪاميابي جو مطلب آهي هندستان انهن چند ملڪن جي هڪ گروپ ۾ شامل ٿيو جيڪي اڳ ۾ ئي سج جو مطالعو ڪري رهيا آهن. آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا 1960ع کان سج کي ڏسي رهي آهي. جاپان پنهنجو پهريون شمسي مشن 1981ع ۾ شروع ڪيو ۽ يورپي اسپيس ايجنسي (ESA) 1990ع کان سج جو مشاهدو ڪري رهي آهي. فيبروري 2020 ۾، ناسا ۽ يورپي ايجنسي يعني اي ايس اي گڏيل طور تي هڪ سولر آربيٽر شروع ڪيو جيڪو سج کي ويجهي کان مطالعو ڪري رهيو آهي ۽ ڊيٽا گڏ ڪري رهيو آهي، 2021 ۾، ناسا جي نئين خلائي جهاز پارڪر سولر پروب، سج جي ٻاهرئين ماحول، ڪور ايٽماسفيئر جو مشاهدو ڪري تاريخ رقم ڪئي هئي.










