ڪرسچن اوليور 2 ڌيئرن سميت جهاز حادثي ۾ فوت

ڪرسچن اوليور 2 ڌيئرن سميت جهاز حادثي ۾ فوت

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اداڪار ڪرسچن اوليور، 51، پنهنجي ڌيئرن مديتا، 10، ۽ اينڪي، 12 سان گڏ جهاز حادثي ۾ مري ويو.ڀارتي ميڊيا ’اين ڊي ٽي وي‘ جي رپورٽ موجب جرمن ڄائي هالي ووڊ اداڪار ڪرسچن اوليور پنهنجي ٻن ڌيئرن سميت ان وقت فوت ٿي ويو جڏهن سندن ننڍو جهاز ٽيڪ آف کان ڪجهه لمحن بعد ڪيريبين سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.اوليور ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي ڌيئرن سان گڏ ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت واري جهاز جي پائلٽ سان گڏ مري ويو،ٻئي طرف مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ غوطه خور ۽ ڪوسٽ گارڊ فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جتان چئن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن،ياد رهي ته اداڪار اوليور مشهور اداڪار جارج ڪلوني سان گڏ ”دي گڊ جرمن“ ۽ 2008 جي ايڪشن ڪاميڊي فلم ”اسپيڊ ريسر“ ۾ وڏي اسڪرين تي نظر آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو