ذهين شاگردن لاءِ نجي اسڪول پاران انعامي تقريب

ذهين شاگردن لاءِ نجي اسڪول پاران انعامي تقريب

عادلپور(ن س) علائقي ۾ معياري تعليم ڏيندڙ اقرا ماڊل اسڪول لاکولنجاري ۾ امتحان ۾ بهتر پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا. جنھن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سندن والدين ۽ علائقي واسين به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين حمد نعت ٽيبلوز,خاڪن سميت تقريرون به ڪيون. ڪلاس پنجين کان ڪلاس ڏھين تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪاشف علي مھر،جواد احمد مھيسر،ثمرين مھر، سمن چنا،عرفان علي ڊومڪي،آسيه لنجار،عبدالغني مھر ۽ ٻين کي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي انعام طور ٽرافيون ڏنيون ويون،تقريب دوران اسڪول جي پرنسپال فداحسين لنجار،صحافي اسلم مھر،استاد گلزار ملڪ،امان الله،استاد نور احمد سومرو ،سميت والدين شاگردن جي والدين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته تعليم انسان جو بنيادي حق آھي موجوده دور ۾ تعليم يافته قومن ئي ترقي حاصل ڪئي آھي.تعليم سماج ۾ شعور بخشي ٿي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي معاشرو بھتر بڻائي سگھجي ٿو.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي مذھب اسلام تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آھي.انھي ڪري نوجوانن کي گھرجي ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء اھم ڪردار ادا ڪن.جڏهن ته تعليمي جاڳرتا پروگرام منعقد ڪرڻ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ۽ سندن تعليم طرف دلچسپي وڌي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي مذھب اسلام تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آھي.انھي ڪري نوجوانن کي گھرجي ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء اھم ڪردار ادا ڪن.جڏهن ته تعليمي جاڳرتا پروگرام منعقد ڪرڻ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ۽ سندن تعليم طرف دلچسپي وڌي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو