مهانگي پرمٽ تي آمريڪي شهري پاران مارخور جو شڪار

مهانگي پرمٽ تي آمريڪي شهري پاران مارخور جو شڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تاريخ جي سڀ کان مهانگي پرمٽ حاصل ڪندڙ امريڪي شهريءَ پاڪستان ۾ مارخور جو شڪار ڪري ورتو، امريڪي شهري ڊيرن جيمز مل مين پرمٽ حاصل ڪرڻ بعد چترال ۾ مارخور جو شڪار ڪيو، جهنگلي جيوت کاتي جي ذريعن موجب شڪاريءَ مارخور جي شڪار جي پرمٽ 2 لک 32 هزار ڊالر ۾ حاصل ڪئي هئي، ذريعن موجب شڪار ٿيل مارخور جي عمر ساڍا 9 سال ۽ سندس سڱن جي ڊيگهه 45 انچ هئي، جهنگلي جيوت کاتي موجب مارخور جو پرمٽ آڪٽوبر ۾ واڪ ذريعي حاصل ڪيو ويو هو، جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو واڪ هو

پهنجو تبصرو موڪليو