وزيراعظم جي چين جي صدر سان ملاقات، ڪشمير بابت مڪمل حمايت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن معاملن، خطي جي سلامتي، ڪشمير جي صورتحال، تجارت ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون. اربع تي ٿيل ملاقات بابت چين جي حڪومت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ڪشمير بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ چين کي ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ چين پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو. چيني صدرپاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ مڪمل تعاون جي به خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم اڱاري تي چين جي وزيراعظم سان به ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ کيس خاطري ڪرائي هئي ته سيپيڪ جي منصوبن تي تيزي سان عمل ٿيندو ۽ ان مقصد لاءِ پاڪستان اٿارٽي قائم ڪئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڱاري تي چيو هو ته چين جو صدر ڀارت جو دورو ڪري پيو ۽ ساڻس پاڪستان جي مشاورت لازم هئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ تعلقات جي جوعيت جي تقاضا آهي ته هر قدم تي هڪٻئي کي آگاهه ڪجي ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙجي. ياد رهي ته وزيراعظم بزنس ڪائونسل کي خطاب کانسواءِ چين جي وڏن صنعتي گروپن جي سربراهن سان ملاقات به ڪئي ۽ کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ دعوت ڏني. اسٽيل، توانائي، زراعت، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت ياداشت نامن تي صحيحون به ڪيون ويون. پاڪستان چين سان فري ٽريد جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ۽ پاڪستان مان ايڪسپورٽ وڌائڻ بابت به تفصيلي ڳالهيون ڪيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به چين ۾ موجود هو. اڳ ۾ ريڊيو پاڪستان ٻڌايو هو ته هو چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان عمران خان جي ملاقات ۾ موجود هوندو. وزيراعظم چيني ڪائونسل کي خطاب ۾ چيو هو ته ڪاش هو به ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو