جنيوا: (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڳري اڪثريت سان غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي جي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي.عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب گڏيل قومن غزه ۾ جنگبندي جي قرارداد منظور ڪندي امداد جي پهچ ۽ اتان جي شهرين جي تحفظ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.عرب رياستن طرفان تيار ڪيل قرارداد جو مسودو ڏٺو وڃي ته قانون جي نفاذ جو پابند نه آهي پر اهو سياسي وزن ضرور رکي ٿو. قرارداد جي حق ۾ تاڙين جي گونج ۾ 120 ووٽ پيا، جڏهن ته 45 غير حاضر رهيا ۽ 14 خاص طور تي اسرائيل ۽ آمريڪا قرارداد جي خلاف ووٽ ڏنو.سلامتي ڪونسل طرفان گذريل ٻن هفتن ۾ 4 ڀيرا اجلاس ۾ ناڪامي کان پوءِ جنرل اسيمبلي جنگبندي جي قرارداد پاس ڪئي آهي.










