دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ ۾ پاڪستان جي رول بابت رپورٽ

پيرس(ويب ڊيسڪ) دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام بابت فنانشل ٽاسڪ فورس جي علائقائي گروپ ايشيا پيسيفڪ گروپ (اي پي جي) پاڪستان بابت ابتدائي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ ڪلين چٽ ناهي ڏني وئي ۽ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت حتمي فيصلو 13 کان 18 آڪٽوبر تائين پيرس ۾ سڏايل اجلاس ۾ ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 40 تجويزن مان پاڪستان 36 تجويزن تي عمل ڪيو آهي، جن مان ڪجهه تي ڪلي طور، ڪجهه تي جزوي طور عمل ڪيو آهي. اي پي جي جو نظر ثاني اجلاس سيپٽمبر ۾ بئنڪاڪ ۾ ٿيو هو جنهن ۾ حماد اظهر جي سربراهي ۾ 15 رڪني وفد عملدرآمد بابت برفنگ ڏني هئي. جنهن بعد ڀارتي ميڊيا اهي خبرون هلايون ته پاڪستان جي رپورٽ مان گروپ مطمئن ناهي. جنهن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انهن کي رد ڪندي چيو هو ته جڏهن اڃا فيصلو ٿيو ئي ناهي ته ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. تازو اقوام متحده جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان به ڀارتي پروپيگنڊا جو ذڪر ڪيو هو. وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ ۾  ڏکڻ ايشيا جي ماهرن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ خطرو موجود آهي بليڪ لسٽ م شامل ٿيڻ جو ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پاڪستان کي ملندڙ آءِ ايم ايف جو قرض بند ٿي ويندو ۽ پاڪستاني معيشت انتهائي بدتري جو شڪار ٿيندي. ان جو ممڪنه رد عمل طالبان سان آمريڪا جون جاري امن ڳالهيون لٽڪي سگهجن ٿيون. ياد رهي ته فنانشل ٽاسڪ فورس ۾ 37 ميمبر آهن جن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، چين، ترڪي، خليجي ملڪ ۽ يورپي يونين ڪميشن وغيره شامل آهن، پاڪستان ان جو ميمبر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو