ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف معاهدي تحت ملڪ واپس اچي رهيو آهي. راجا پرويز اشرف جو بيان هڪ ڏينهن کانپوءِ آيو آهي جڏهن نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ ان ڊيل جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو هو ته نواز شريف جو وطن واپسي جو فيصلو نگران حڪومت سان ڪنهن به مفاهمت جو حصو نه آهي. ورلڊ ايڪو (وي) نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو هو ته نگران حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) يا ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي لاءِ ڪو به نرم موقف ناهي، نگران حڪومت اهڙي ڊيل جو حصو ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هن اهو به چيو هو ته ته نواز شريف عدالتي فيصلي تحت عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ کان ٻاهر ويو هو، ان وقت ڪو به نگران سيٽ اپ نه هو. ڊان ٽي وي جي نادر گراماڻي کي ڏنل انٽرويو ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته ڊيل نه هجي ها ته اڳ م هو ڇو نه پئي آيو؟ ظاهر آهي ته هاڻي ڪا اندر اسٽينڊنگ ٿي هوندي. ان سوال تي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، راجا پرويز اشرف چيو ته اوهان ٻڌايو ته چونڊون ٿي رهيون آهن ڇا؟ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پيپلز پارٽي ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڇو ته وفاقي ۽ پنجاب ڪابينا ۾ مسلم ليگ (ن) جا ماڻهو آهن، اڄ به مسلم ليگ (ن) جا سمورا ڪم ٿي رهيا آهن، اسان خلاف ڪوڙا ڪيس هلي رهيا آهن. اسان جي خلاف نيب ٺاهي وئي آهي، منهنجي خلاف نيب ڪيسن ۾ نيب وٽ ڪو ثبوت ناهي، ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.










