اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي لاءِ، ايف بي آر 2,041 بلين رپيا ٽيڪس گڏ ڪري ورتو. ساڳئي عرصي ۾ گذريل سال 1,644 بلين رپيا گڏ ڪيا هئا. هن سال ٽن مهينن ۾ مقرر ڪيل هدف 1,978 بلين رپين جي مقابلي ۾ 63 ارب رپين کان وڌي ٽيڪس گڏ ڪري رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ايف بي آر سيپٽمبر 2023 جي هڪ مهيني لاءِ روينيو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪيون آهن. 794 بلين رپين جي هدف جي مقابلي ۾، ايف بي آر 834 بلين رپيا گڏ ڪيا. گذريل سال سيپٽمبر جي هڪ مهيني م 688 بلين رپيا گڏ ڪيا هئا. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ 37 ارب روپين جو ريفنڊ جاري ڪيو جيڪو پوئين سال ان عرصي ۾ 18 ارب روپيا هو. جڏهن ته سيپٽمبر 2023ع جي مهيني دوران درآمدات ۾ سخت گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. گذريل مهيني دوران درآمدي اسٽيج تي ٽيڪس 299 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته هلندڙ مهيني دوران درآمدي اسٽيج تي ٽيڪس صرف 254 ارب رپيا ملي آهي. ايف بي آر 45 ارب رپين جو شارٽ فال ڊوميسٽڪ ٽيڪس خاص طور تي سڌي ٽيڪس ذريعي پورو ڪيو آهي.










