اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته فيبروري 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون ڪيترائي آئيني ڪيس آيا، آئيني مسئلن ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو.نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سخت امتحان ۽ ماحول جو ڪيترائي ڀيرا عدالت پاڻ شڪار بڻجي. جيڪي واقعا پيش آيا انهن کي ٻيهر نٿو ورجائڻ چاهيان، ان سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. سمورا واقعا آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي جو حصو بنائڻا آهن.عمر عطا بنديال چيو ته بطور چيف جسٽس جي آخري ڀيرو نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي منهنجو آخري خطاب هجي. گذريل سال عدالت جي هڪ سالن جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي هئي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مقرري جي هڪ سال ۾ سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا ۽ ان کان اڳ هڪ سال ۾ اڪلايل ڪيسن جو وڌ کان وڌ انگ 18 هزار هو.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪوشش هئي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيس 50 هزار کان گهٽ ٿي سگهن. پر اسان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 2 هزار گهٽ ڪري سگهياسين.نامزد نئين چيف جسٽس فائز عيسيٰ بابت هن چيو ته منهنجي نئين ايندڙ چيف جسٽس کان مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي پر نئون ايندڙ چيف جسٽس تعريف جوڳو انسان آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيا معاشري جون اکيون ۽ ڪن آهن پر منهنجي حوالي سان ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ به ڪئي وئي. گڊ ٽو سي يو واري منهنجي جملي کي غلط رنگ ڏنو ويو. شارٽ اينڊ سوئٽ ججمنٽ جي باري ۾ آبزرويشن ڏني جنهن تي غلط رپورٽنگ ٿي جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي ختم ٿو ڪريان.آڊيو ليڪس ڪيس ۾ سمورا واقعا سندن فيصلي جو حصو بڻيل آهن.ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر عابد زبيري چيو ته اونهاري جي موڪلن باوجود سپريم ڪورٽ عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ جو عمل جاري رکيو آهي، قابل تحسين عمل آهي. موڪلن دوران ڪيترائي سياسي ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا. جنهن سبب عام ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو عمل سست رهيو.عابد زبيري چيو ته جڏهن سياسي ۽ پارلياماني نظام ناڪام ٿيندو آهي ته ان جو بار عدليه کي به کڻڻو پوندو آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو رويو ووٽ جي آئيني حق جي خلاف آهي.هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ چونڊن بابت پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪي به قدم نه کنيا. اسان صدر کان مطالبو ڪريون ٿا ته جلد چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ بار جي صدر چيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ جي آڙ ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.شهرين جو فوجي ٽرائل غير آئيني ۽ غير قانوني آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي.فوجي عدالتن خلاف داخل درخواستن جو جلد فيصلو ڪيو وڃي. وڪيل برادري طرفان عدليه ۽ ججن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.هن چيو ته اميد آهي ته نئين عدالتي سال ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ورهاڱي جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا.اميد آهي ته نامزد چيف جسٽس آئين ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو.










