سپريم ڪورٽ ۾ ڊيپوٽيشن تي نئون رجسٽرار مقرر

سپريم ڪورٽ ۾ ڊيپوٽيشن تي نئون رجسٽرار مقرر

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رٽائرمينٽ کان 10 ڏينهن اڳ ڊيپٽيشن تي نئون رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳ ۾ ئي پنجن سالن کان ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ ايڊيشنل رجسٽرار عبدالرزاق جيڪو ڊسترڪٽ اينڊ سيشن جج آهي، تنهن کي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي عدالت پوري رياست هلائيندڙ حڪومت کي ڊيپوٽيشن تي مقررين کان منع ڪئي آهي پر پان پنهنجي ننڍي سيڪريٽريٽ هلائڻ لاءِ ڊيپوٽيشن تي مقرري جو حڪم جاري ڪيو آهي. سينئر وڪيلن جو چوڻ آهي ته نئون مقرر ڪيل رجسٽرار اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو خاص ترين ماڻهو آهي. ياد رهي ته هن کان اڳ مقرر ڪيل رجسٽرار سول سرونٽ هو ۽ تڏهوڪي وزيراعظم عمران خان جي سفارش تي مقرر ڪيو ويو هو. جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اعتراض ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو هو ۽ چيو هو ته ايگزيڪٽو مان جڊيشل پوسٽ تي تقرري سان عدليا جي آزادي متاثر ٿيندي ۽ اهڙي تقرري آئين جي خلاف آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال 16 سيپٽمبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو