شادي مان اوچتو گهوٽ غائب، ڪنوار جي سهري سان شادي

شادي مان اوچتو گهوٽ غائب، ڪنوار جي سهري سان شادي

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي ڏاکڻي علائقي هلماهيرا جي ڳوٺ جيڪوٽامو جي رهائشي ڇوڪري جي شادي مان اوچتو گهوٽ فرار ٿي ويو جنهن بعد گهوٽ جي والد پٽ جي ڊگهي عرصي تائين گرل فرينڊ رهندڙ ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي. انڊونيشيا جي ميديا م ڇوڪري جو نالو ايس اي ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڇوڪريءَ جي ڀاءُ وسٽو احمد ميڊيا کي بڌايو ته ڪافي انتظار بعد جڏهن گهوٽ نه آيو ته سندس خاندان وارن ٻڌايو ته هو شادي نٿو ڪرڻ چاهي. جنهن تي ڪنواريتا پريشان ٿي ويا ۽ چيو ته هنن شادي تي اڍائي ڪروڙ اندونيشين روپيا (1700 آمريڪي ڊالر) خرچ ڪيا آهن ۽ ڏاج ڏانوڻ به ڏنو آهي. جنهن بعد ٻنهي خاندانن جي صلاح سان گهوٽ جي والد کي ڇوڪري سان شادي ڪرائي وئي. اهڙي خبر سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي مليل جليل تبصرا ٿي رهيا آهن، ڪو ٿو چوي ته اهو ٽريپ آهي، ڪنهن چيو ته هاڻي ماءُ جا مزا وٺي. ڪنهن تعريف ڪندي لکيو ته گهوٽ جي والد سٺو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو