اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 سيپٽمبر تائين واڌ

اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس تي حملي ۽ فسادن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس اعجاز چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جناح هائوس حملي ڪيس جو چالان تيار ڪرڻ لاءِ عدالت کان وقت گهريو ۽ چيو ته چالان تياري جي مرحلي ۾ آهي.جاچ آفيسر جوابدار جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي اعجاز چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو