پوليس جي لاپرواهي، ڦورن صحافي کي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس جي لاپرواهي، ڦورن صحافي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شھر ۾ ڦورن تر تپائي ڇڏيو ڪراچي پوليس ڦورن آڏو بيوس بڻيل حيدرآباد ۽ ڪراچي جي صحافين کي نه بخشو ،راڻيپور جي 45 سالن جي قمردين کي مزاحمت تي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ،خبر موجب ڪراچي شھر ڦورن جي حوالي شھر جي گلي گلي ۾ ڦورن تر تپائي ڇڏيا ،گھرن ـ دوڪانن توڙي رستي ويندڙن کي به نه بخشيو ويو گذريل ڏينهن شيرشاھ ٿاڻي جي حد ويجھو گلبائي واري علائقي ۾ ھڪ پئٽرول پمپ تي سيڪورٽي گارڊ جي نوڪري ڪري پنھنجو گھر جو گذزر سفر ڪندڙ راڻيپور واسي، 45 سالن جو قمردين ڦورن سان مزاحمت ڪندي ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻي طرف سپر سائيٽ ۽ سھراب ڳوٺ ٿاڻن جي حدود ۾ به افغان پناھ گيرن مسافرن توڙي علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو حيدرآباد جي رپورٽر محمد حاشر کي ڦورن موبائل فون کسي فرار ٿي ويا ۽ سائٽ سپر ٿاڻي جي حد ۾ ڪراچي جي نجي ٽي وي رپورٽر عمران ميزان کي جمالي پل لڳ ڦورن روڪي لوٽ ڦر ڪندي فرار ٿي اھڙي واقعي بعد شھرين ۾ سخت خوف و حراس ڇائنجي ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو