ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه پاران ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد جي ڏاڏي حاجي مراد علي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنھنجي تعزيتي بيان ۾ خاندان کي سندن پارٽي لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪئي. ناصر شاهه دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم حاجي مراد علي جي مغفرت فرمائي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سڀني سوڳوار پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.










