وفاقي ڪابينا احتساب عدالتن جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا احتساب عدالتن جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا احتساب عدالتن جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا 13 مان 12 ايجنڊا جي منظوري ڏني، پر ڪابينا قومي ڪينابس پاليسي جي منظوري ۾ دير ڪئي، جيڪا ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.ذريعن موجب ڪابينا بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس، اي پروٽيڪشن بل 2023 ۽ پرسنل پروٽيڪشن بل ۾ ترميمن جي اصولي منظوري ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا مختلف شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته احتساب عدالتن جي ٻيهر جوڙجڪ جي به منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 24 جولاءِ تي اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني ۽ 10 جولاءِ تي نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني، ان کان علاوه قانون سازي، بين الحکومتي ڪمرشل ٽرانزيڪشن بابت ڪابينا ڪميٽين جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اسلام آباد نيچر ڪنزرويشن اينڊ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ ايڪٽ جي منظوري ڏني، جڏهن ته اسلام آباد هيلٿ ڪيئر اٿارٽي جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر جي مقرري ۽ ايس اين جي پي ايل جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو