اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي لاءِ اڃآن ائين ڪوبه نالو فائنل نه ٿي سگهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيري رحمان چيو ته نگران وزيراعظم جي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي بڻجي وئي آهي. نگران وزيراعظم لاءِ اڃان تائين مشاورت جو سلسلو جاري آهي.شيري رحمان چيو ته اسان جي طرفان نگران وزيراعظم لاءِ ڪنهن جو به نالو سامهون نه آيو آهي پر اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته نگران وزيراعظم جي نالي تي پ پ اتفاق ڪيو آهي پر اڃان تائين ڪنهن جو به نالو فائنل نه ٿيو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪوڙي خبر هلائي پئي وڃي. اسان سان نه ڪو نالو شيئر ٿيو نه ئي اسان ڪنهن تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته وقت تي چونڊن سان ئي ملڪي استحڪام ممڪن آهي.ن موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊون جلد ٿين. پيپلز پارٽي چونڊن لاءِ تيار آهي. اسان جو موقف آهي ته اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري. چونڊون وقت تي ٿين. نگران وزيراعظم جي لاءِ اسحاق ڊار جو نالو پيپلز پارٽي وٽ نه پهتو آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪور ڪميٽي وزيراعظم جي نالي بابت گڏيل فيصل ڪندا. (ن) ليگ طرفان نگران وزيراعظم جي لاءِ جيڪو به نالو سامهون ايندو ان تي ڳالهيون ڪيون وينديون.هن چيو ته پيپلز پارٽي اڃان تائين نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪوبه نالو فائنل نه ڪيو آهي. نگران وزيراعظم جي لاءِ نالن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. حتمي لسٽ جلد سامهون ايندي. ٻن چئن ڏينهن دوران پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم جي لاءِ نالو تجويز ڪندي.آصف زرداري ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات بابت فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دبئي ۾ نوازشريف ۽ آصف زرداري ۾ ڪابه ملاقات نه ٿي آهي. آصف زرداري هن وقت دبئي کان ٻاهر آهي ان جي نوازشريف سان ڪابه ملاقات نه ٿي آهي.










