لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي سميت 5 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابڙو گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي عبوري ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.










