اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين تحريڪ انصاف اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي پرنسپل اعظم خان جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ بيان جي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيستائين اعظم خان جي منهن مان نه ٻڌندس تيستائين نه مڃيندس عدالتي پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيئرمين پي ٽي آئي چيو آهي ته اعظم خان ايماندار ماڻهو آهي جيستائين ان جي منهن مان نه ٻڌندس مان نه مڃيندس.










