ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته محرم الحرام دوران سيڪيورٽي لاءِ پوليس ٽريننگ اسڪولن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.ان حوالي سان غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته تربيت هيٺ اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو آهي.آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل حڪم موجب سڄي صوبي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ٽريننگ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.حڪم نامي موجب ڪراچي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ عورت ۽ مرد پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ 1700 اهلڪار جڏهن ته ميرپورخاص ۾ 600 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.اهڙيءَ ريت سکر ۾ 834 کان وڌيڪ ۽ لاڙڪاڻي ۾ 1100 کان وڌيڪ ٽرينيز مقرر ڪيا ويندا.حڪم موجب انهن ٽرينن کي مختلف پوليس ٽريننگ اسڪولن مان طلب ڪيو ويو آهي.










