سنڌ ۾  ايندڙ هفتي کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

سنڌ ۾ ايندڙ هفتي کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ايندڙ هفتي کان سنڌ ۾ مون سون جي نئين سسٽم جي اثر جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب مون سون جي برساتن جو نئون سلسلو 20 کان 22 جولاءِ تائين سنڌ ۾ متاثر ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي، برساتن جو نئون سلسلو خليج بنگال کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندو.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ برساتن جي شدت جو اندازو لڳايو ويندو ته جيئن سسٽم ويجهو ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو