سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، اسرائيلي صدر جي مذمت

سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، اسرائيلي صدر جي مذمت

يروشلم(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ڪئي آهي.اسرائيلي صدر اسحاق هيرزوگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو ان ”ذلت آميز عمل“ جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو ۽ ڪنهن سانحي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.هنن چيو ته سويڊن ان شرمناڪ عمل خلاف خاموش نه رهي سگهي ٿو، مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ ۽ مقدس هنڌن کي نشانو بڻائڻ سنگين واقعو آهي.اسرائيلي صدر اسحاق هيرزوگ وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن.پنهنجي مذمتي بيان ۾ اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ پڻ چيو آهي ته مذهبي رواداري، نفرت ۽ پرتشدد عملن کي منهن ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو