اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف سان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايندڙ اليڪشن لاءِ بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان وسيع سياسي اتحاد تي غور ڪيو ويو جمعي تي بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي نيشنل پارٽي جو نائب صدر ۽ اڳوڻو سينيٽر ڪبير احمد، جنرل سيڪريٽري جان بليدي، سينيٽر طاهر بزنجو به ملاقات ۾ موجود هئا سينيٽر اڪرم، ايوب ملڪ ۽ نيشنل پارٽي جي پنجاب جو صدر اسلم بلوچ به وفد ۾ شامل هو مريم نوازشريف نيشنل پارٽي جي وفد جي آجيان ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي ڪل سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي مريم نوازشريف چيو ته بلوچستان ۽ ان جي عوام کي وڏي اهميت ڏيون ٿا نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازسريف هميشه بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي مريم نواز چيو ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي جو بنياد آهي هن چيو ته سي پيڪ، گوادر پورٽ، الهندي روٽ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان جي ترقي جو ذريعو بڻجندا مريم نواز چيو ته بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي پهرين ترجيح آهي هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت بلوچستان جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏينداسين مريم نوازشريف چيو ته تعليم زراعت صحت، آئي ٽي ۾ نئون ڪاروبار روزگار ڏينداسين راندين ۾ ترقي جاموقعا ڏينداسين ڊاڪتر عبدالمالڪ بلوچ مريم نوازشريف جي سياسي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته نوازشريف سياسي اڪاموڊيشن جو هميشه فراخدلاڻو مثال قائم ڪيو آهي ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ نيشنل پارٽي ۾ سياسي تعاون وڌائڻ تي بهخ يالن جي ڏي وٺ ٿي ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته بلوچستان جي عوام کي ان جي حقيقي چونديل قيادت ڏئي اعتماد جو اهو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو جيڪو عوام جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي مضبوطي جو ضامن ٿي سگهي ٿو.










