اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ميمبر قومي اسيمبلي سائره بانو چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻ مهانگائي 40 سيڪڙو وڌي ويندي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي سائره بانو چيو ته اڄ ايوان خالي آهي، ڪهڙي ڳالهه ڪئي وڃي؟ وزير نه ڳالهائيندا آهن. مان بجيٽ تي بار بار ڳالهائيندس.هن چيو ته سرڪاري ملازم ڪم نه ڪري رهيا آهن، اسپتالون ڪم نه ڪري رهيون آهن، مان پڇان ٿو ته سياستدان سرڪاري ملازمن کي ڪڏهن فارغ ڪندا؟هن چيو ته هاڻي خبر پئي ته هي سياستدان 70 سالن کان ڪمزور رهيا آهن، نالا وٺڻ کان ڇو ڊڄندا آهيون.جي ڊي اي ايم اين اي اهو به چيو ته خواجا آصف معافي گهري، هاڻي کيس پشيماني ڪرڻي پوندي ته هنن خانه بدوشن کي ساڻس شامل نه ڪيو وڃي.










