ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سان فون تي رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائيپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي محسن نقوي چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀينرن ۽ ڀائڙن جي مدد لاءِ وسيلا حاضر آهن ۽ سامونڊي علائقن مان آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀينرن ڀائرن جي هر ممڪن مدد جي ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين هن چيو ته پنجاب جي امدادي ڪمن سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي وڏي وزير مرادعلي شاهه تعاون جي خاطري ڪرائڻ تي محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.










