پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم خلاف وفاق جي نظرثاني درخواست داخل

پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم خلاف وفاق جي نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي نگران پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پنهنجا جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.وفاقي حڪومت پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي.پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي حڪومت چيو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، سپريم ڪورٽ پاڻ تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي غير موثر بڻائي ڇڏيو.جيڪڏهن پنجاب ۾ چونڊون اڳ ۾ ڪرايون ويون ته قومي اسيمبلي جون چونڊون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ سيٽن وارو صوبو آهي، پنجاب ۾ فتح ان ڳالهه جو تعين ڪندي آهي ته مرڪز ۾ ڪير حڪومت ڪندو، پنجاب ۾ چونڊون قومي اسيمبليءَ جي ساڳئي وقت ٿيڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ پنهنجي اپريل ۾ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار استعمال ڪندي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.ٻئي طرف پنجاب جي نگران حڪومت به 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊن بابت ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.پنجاب ۾ 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊن بابت ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي.نگران پنجاب حڪومت صوبي ۾ تڪڙي چونڊون ڪرائڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته رياست جي ٻين ادارن کي اختيار آهي ته اهي چونڊن جي تاريخ ڏين. چونڊن جي تاريخ 14 مئي ڏئي آئيني اختيارن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. آرٽيڪل 218 تحت صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. اختيارين جي ورهاست کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني.نگران پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊ پروگرام ۾ تبديلي جو اختيار آهي.9 مئي جي واقعي کانپوءِ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سول ۽ ملٽري ملڪيتن کي نقصان پهتو.عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، جنهن ۾ 162 پوليس اهلڪار زخمي ۽ 97 پوليس گاڏين کي باهه ڏني وئي.نگران پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 5 لک 54 هزار سڪيورٽي اهلڪار گهربل هوندا.هن وقت جيڪڏهن چونڊون ڪرايون وڃن ته رڳو 77 هزار اميدوار موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو