اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت ٽرانس جينڊر ايڪٽ بابت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته کدڙا فقير پنهنجي جنس تبديل نٿا ڪري سگهن ۽ جنس جوتعين انسان جي احساسن جي بنياد تي نٿو ڪري سگهجي وفاقي شرعي عدالت جي وقتي چيف جسٽس سيد محمد انور ۽ جسٽس خادم حسين کدڙن فقيرن جي حقن بابت ٽرانس جينڊر ايڪٽ جي خلاف ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌايو هن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته کدڙا فقير پنهنجي جنس تبديل نٿا ڪري سگهن جڏهن ته اهي مرد يا عورت به نٿا سڏائي سگهن ان حوالي سان چيو ويو ته اسلام کدڙن فقيرن کي سمورا انساني حق فراهم ڪري ٿو تنهنڪري حڪومت ان ڳالهه جي پابند آهي ته اهڙن ماڻهن کي طبي، تعليمي، معاشي سهولتن سان گڏوگڏ سمورا حق ڏيڻ جي پابند آهي هن چيو ته ورثي ۾ حصو جنس مطابق ئي ملي سگهي ٿو ۽ مرد هجي يا عورت اهو پاڻ کي بائيو لاجيڪل جنس کان هٽي کدڙو فقير چوي ٿو ته اهو غير شرعي هوندو وفاقي شرعي عدالت فيصلي ۾ چيو ته جنس جو تعلق انسان جي بايولاجيڪل سيڪس سان هوندو آهي نماز روزو حج سميت ڪافي عبادتن جو تعلق جنس سان آهي ۽ جنس جو تعين انسان جي احساسن جي بنياد تي نٿو ڪري سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته اسلام ۾ کدڙن فقيرن جو تصور ۽ ان حوالي سان حڪم موجود آهن ۽ کدڙا فقير آئين ۾ ڏنل سمورن بنيادي حقن جا مستحق آهن فيصلي ۾ چيو ويو ته کدڙن فقيرن جي جنس جو تعين جسماني اثرن تي غالب جنس جي بنياد تي ڪيو ويندو جنهن تي مرد جا اثر غالب آهن اهو مرد کدڙو فقير سمجهيو ويندو عدالت چيو ته شريعت ڪنهن کي نامرد ٿي جنس تبديلي جي اجازت نٿي ڏي تنهنڪري ڪوبه شخص پنهنجي مرضي سان جنس مٽائي نٿو سگهي ۽ جنس اها ئي رهي سگهي ٿي جيڪا ڄم جي وقت هئي.










