گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) گيمڙو ٿاڻي جي حد مان ٻٽي قتل ۾ گهربل اشتهاري جوابدار غلام قادر پٽ غلام حيدر گائنچو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايڇ او گيمڙو محمد خان ڀٽو سنڌ يار سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته جوابدار غلام قادر پٽ غلام حيدر گائنچو کي هڪ ڳجهي اطلاءَ تي پوليس نفري ساڻ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هن جي مٿان ڏوهه نمبر 1.2019 يو ايس 302 تحت ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، واضع رهي ته جوابدار اصل فريد آباد قمبر جو رهواسي آهي جيڪوانب جي باغ ۾ ستل ٻن ماڻهن کي مارڻ بعد فرار ٿي ويو هيو، جنهنکي اشتهاري ڄاڻايو ويو هيو اڄ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار کي سڀاڻي ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو.










