جهانپور ۾ قتل، باءِ پاس تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا زخمي

جهانپور ۾ قتل، باءِ پاس تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) قومي شاھراھ باءِ پاس تي تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ڳوٺ صادق لکڻ واسي موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا عبدالغفور سومرو ۽ بلند سومرو شديد زخمي ٿي پيا، جن کي آس پاس جي ماڻهن پهچي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، پوليس پهچي ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن جهانپور جي ڳوٺ اشرف مهر جي ڳوٺاڻي ضمير ڪورائي سرحد ٿاڻي تي رات دير سان ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته رات جو سندس گهر ۾ اڻڄاتل چور چوري جي ارادي سان گهڙيا ۽ هنن جي سجاڳ ٿيڻ تي فائرنگ ڪئي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب هڪ چور مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ جهانپور جي رهواسي ممتاز کوکر طور ٿي آهي واقعي بعد سرحد پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي گهوٽڪي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏنهن ته مقتول ممتاز کوکر جي وارثن والده مسمات ملوڪان،ارشاد علي ۽ شمن علي کوکر لاش وصول ڪرڻ دوران واقعي جي ڪهاڻي کي رد ڪندي چيو آهي ته مقتول جي فريادي ڌر وارن سان دوستي هئي هو ڪالهه شام کان انهن ڏي ويل هو صبح جو گولي لڳل لاش ڏنو ويو آهي هنن واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ٻي صورت ۾ لاش سميت احتجاج ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو