ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي وزير ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيستائين پنهنجي مرضي جون تشريحون ٿينديون رهنديون انصاف جو مان مٿانهون نه ٿيندو 12 مئي سانحي جيشهيدن جون قربانيون انلاءِ نه هيون ته ڪوئي عدالتي سلطان بڻجي بلاول ڀٽو زرداري خصوصي پيغام ۾ 12 مئي ڪراچي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آزاد عدليه جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شهيدن جانيون قربان ڪيون هن چيو ته عالمي ريڪنگ ۾ پاڪستاني عدليه جنهن نمبر تي بيٺي آهي دنيا اڳيان قوم لاءِ شرمساري جو سبب آهي اسان جو نظام انصاف عوام کي مفت ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي منزل کان اڳ به گهڻو پري آهي هن چيو ته قربانيون ان لاءِ نه هيون ته عدالتي سلطان عوام جي چونديل حڪومت کي پنهنجي سياسي ارادن لاءِ هلڻ ئي نه ڏي جيستائين جسٽس منير ۽ افتخار چوڌري جي پنهنجي پسند جي تشريحن جو سلسلو جاري رهندو انصاف جو مان مٿانهون نه ٿيندو پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته لاڏلن لاءِ هڪ قانون ۽ سڄي ملڪ لاءِ ٻيو قانون پاڪستان ان جي سٽ نٿو سهي سگهي آزاد عدليه آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ عوام کي بنا فرق عدل ۽ انصاف جي مفت فراهمي پيپلزپارٽي جو منشور آهي.










