عمران خان سان پيار ڪريان ٿو سندس جي باري ۾ پريشان آهيان

عمران خان سان پيار ڪريان ٿو سندس جي باري ۾ پريشان آهيان

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما جي ڀاءُ زيڪ گولڊ سمٿ جو پي ٽي آءِ چيئرمين بابت بيان سامهون اچي ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ زيڪ گولڊ سمٿ چيو ته هو عمران خان سان پيار ڪري ٿو، سندس بيحد تعريف ڪري ٿو ۽ سندس لاءِ پريشان به آهيان.هن چيو ته عمران خان انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي جن کان مان تمام گهڻو متاثر آهيان، هو اسان جي سڄي خاندان لاءِ رول ماڊل هو، هن مون کي ڪرڪيٽ کيڏڻ سيکاريو.زيڪ گولڊ سمٿ چيو ته عمران خان ماحول دوست شخصيت ۽ عالمي ليڊر آهي، بلين ٽري منصوبو سندس ماحول دوستي جو مثال آهي.مون کي خبر ناهي ته پاڪستان ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي، مان پاڪستان سان لاڳاپيل معاملن ۾ ملوث ٿيڻ نٿو چاهيان.هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته انجام سٺو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو