صحافت جي آزادي سماج جي اجتماعي شعور جي عڪاسي ڪندي آھي

صحافت جي آزادي سماج جي اجتماعي شعور جي عڪاسي ڪندي آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صحافين جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته صحافت جي آزادي سماج جي اجتماعي شعور جي عڪاسي ڪندي آھي سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ صحافين جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي، ميڊيا جي آزادي سماجي احساس ذميواري سان مشروط آهي، ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سيد زين شاھ چيو ته موجوده آمراڻي حڪومت دٻاء ۽ ڌمڪين جي ذريعي صحافت جي آزادي کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ملڪ ۾ صحافين کي قتل، جسماني تشدد، غير قانوني نظربندي، ڌمڪين، گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هن چيو ته موجوده نام نهاد مڙھيل حڪومت جو ڪرپٽ چهرو بي نقاب ڪرڻ تي آزاد صحافت تي آمراڻا حملا ۽ پابنديون لڳائي من گھڙت ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ٻيا حربا ھلائي صحافين جي آواز ۽ زبان کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا،سيد زين شاھ چيو ته وفاقي حڪومت ميڊيا کي ختم ڪرڻ جون پاليسيون ٺاهي اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي صحافين کي حراسان ڪرڻ ۽ دٻائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن صحافين سچائي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هن چيو ته 1993ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي صحافت جي آزادي جي حوالي سان هر سال 3 مئي تي صحافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ستم ظريفي اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پاس ڪيل جرنلسٽ پروٽيڪشن بل رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي سيد زين شاھ چيو ته صحافين جي راهه ۾ هميشه ڪنڊا ئي هوندا آهن صحافي کي سچ ڳالهائڻ جي سزا ملي ٿي ڪالم نگار کي سچ لکڻ تي،۽ ڪنهن تجزيه نگار کي سچائيءَ جو تجزيو ڪرڻ تي ڪڏهن ڪڏهن ايتري سخت سزا ڏني وڃي ٿي جو هو ۽ سندس خاندان هميشه لاءِ مصيبت ۾ پئجي وڃي ٿو هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ملڪي عدليه کي دٻائڻ سياسي سوچ نه پر آمريت جي حڪمت عملي آهي هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان صحافت لاء پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيد ارشد شريف،سلیم شہزاد، ولی خان بابر، شھيد عزيز ميمڻ،اجئي ڪمار لالواڻي ۽ ٻين صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته انهن جي قتل ۾ ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪيو وڃي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صحافت ج okي آزادي جي جدوجهد ۾ صحافي برادري سان گڏ آهي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جمهوري طريقي سان ملڪ ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو