سوڊان مان بحفاظت نڪتل پاڪستانين جو انگ 700 ٿي ويو

سوڊان مان بحفاظت نڪتل پاڪستانين جو انگ 700 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي جي حوالي سان چيو ته پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي رليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي.هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي ٻيو قافلو اڄ پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سوڊان مان بحفاظت نڪتل پاڪستانين جو انگ 700 ٿي ويو آهي.هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفيرن جي ٽيم پاڪستانين جي واپسي ۾ سهولت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، دوست ملڪ خاص ڪري سعودي عرب پاڪستانين جي واپسي جي عمل ۾ سهولت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.پرڏيهي وزير پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي سموري ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو