ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ زندگي جي خطرن بابت چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ کي خط لکي آگاه ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ خط آگاهي ڏيندي چيو آهي ته بلاول هائوس ۾ مون کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي فرخ بشير کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، مون تي اڳ به سازش تحت ڪيترائي حملا ڪرايا ويا آهن، گهوٽڪي،عمرڪوٽ، نوابشاه ، ڪراچي ۾ مونتي قاتلانه حملا ٿي چڪا آهنڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل اندر به مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلاول هائوس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سازش ڪئي وئي آهي، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو جي حڪم تي وڏي وزير مونکي قتل ڪرڻ جي ذميواري ورتي آهي وزير اعليٰ جي پي ايس او ڊي آءِ جي فرخ بشير کي خصوصي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ڌمڪين باوجود مون کي فراهم ڪيل پوليس سڪيورٽي به واپس ورتي وئي آهي پوزيشن ليڊر جي حيثيت هڪ سينيئر وزير جي برابر آهي، آءِ جي سنڌ مون کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي منهنجي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مون کي مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪيو ويندو يا مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري قيد ۾ قتل ڪيو ويندو پاڪستان ۾ عدليه کانسواءِ ڪنهن به اداري مان انصاف جي اميد ناهي جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته سموري ذميواري آصف علي زرداري، بلاول زرداري، مراد علي شاهه، ڊي آءِ جي فرخ بشير ۽ ٻين تي هوندي.










