انڊس هاءِ وي تي حادثو ٻن ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

انڊس هاءِ وي تي حادثو ٻن ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

مانجهند(ن س)مانجهند ڀرسان تيز رفتاري سبب ڪوسٽر ٽوڙهي ڦاٽڪ پل هيٺان کاهي ۾ ڪرڻ جي خوفناڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي ٻارڙن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا 25 زخمي شامل آهن تفصيل موجب مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ انڊس هاء وي تي حيدرآباد کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪوسٽر پل تان کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ درگاه قلندر شھباز جي مزار تي سکان کڻي ويندڙ معصوم ٻارڙن عورتن سميت 6 زائرين موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ت عورتن ٻارڙن سميت 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا فوتين ۾ حيدرآباد جي ڳوٺ ڪرن خان شورو واسي 12 ورهين جو ببلو خاصخيلي پٽ مٺو خاصخيلي 30 ورهين جي فريده ڌي نور محمد خاصخيلي 10 مهينن جو کير پياڪ ٻار ايان علي پٽ دلبر خاصخيلي 33 ورهين جي عورت نويده زال رستم خاصخيلي 5 ورهين جو ٻارڙو شاهزيب ولد شفيع محمد خاصخيلي 35 ورهين جو محمد هاشم ولد محمد خاصخيلي شامل آھن زخمين ۾ ابراهيم خاصخيلي ،سمرينه خاصخيلي ،نجمه،هما،اقرا،شاده شمائلا،عبدالله،رخسانه،فيضان،بابر،شاهدا ،روزينه ،عظمه،زبير،فريزا،سلما،طيبه،فزا بختاور نجمه ابراهيم خاصخيلي الهڏنو نورزادي شھزادي فياض خاصخيلي مٽياري واسي بابر علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن مانجهند پوليس موٽروي پوليس اسپتال انتظاميا زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي تعلقه اسپتال مانجهند ۽ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو مانجهند اسپتال ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عيد جي موڪلن تي ويل عملي کي طلب ڪري زخمين جو علاج ڪيو ويو جڏھن ت 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جا وارث تعلقه اسپتال مانجهند پهچڻ تي ڪيهاٽ پئجي وئي ڪيتريون ئي عورتون زاروقطار روئي بي هوش ٿي ويون مانجهند اسپتال جي نئين بدلي ٿي آيل ايم ايس ڊاڪٽر نديم جتوئي ٻڌايو ت مانجهند ۾ 4 ڄڻن جا لاش آندا ويا آھن جڏھن ت 2 ڄڻا ڄامشورو ۾ فوت ٿي ويا آھن سندن ٽيم وس آھر زخمين جو بهتر انداز ۾ علاج ڪيو آھي هڪ زخمي بابر علي چانڊيو ٻڌايو ت ڊرائيور جي غفلت سبب واقعو پيش آيو سامهون ڪابه گاڏي نه هئي هوڏانهن ايس ايڇ او مانجهند محمد صادق سولنگي ٻڌايو ت ڪوسٽر کي تحويل ۾ وٺي ڪلينر کي حراست ۾ ورتو آھي جڏھن ت ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏھن ت واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو اٿئون وارث پهچندا ت وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي حادثي جي اطلاع تي مانجهند جا رضاڪار اسپتال پهچي زخمين کي جوس ۽ ٿڌو پاڻي پياريو

پهنجو تبصرو موڪليو