ميهڙ (ن سنڌيار) ٽرپل مرڊر ڪيس جي متاثره ۽ سماجي اڳواڻ ام رباب چانڊيو چيو آهي ته اسان جا مخالف اسان جي شاهدن کي حراسان ڪرڻ لاء انهن جي ٻارن تي حملا ڪرائي رهيا آهن. تڪڙ ۾ سڏايل پريس ڪانفرنس ۾ هن دعويٰ ڪئي ته جمعي تي صبح جو اسان جا ٻار اسڪول وڃي رهيا هيا ته انهن ٻارن کي رستي ۾ روڪي انهن کي تشدد ڪيو ويو ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته شاھدي نه ڏيو ۽ ڪيس تان هٿ کڻو. ام رباب چانڊيو وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته واقعي واري هنڌ پوليس کي هڪ هٿيار پڻ مليو آهي جيڪو پوليس جي قبضي ۾ آهي، اسان جي رشتيدار سرتاج چانڊيو کي تشدد ڪري رتورت پڻ ڪيو ويو آهي ۽ پوليس اسان جي ايف آء آر ڪٽڻ لاء تيار ناهي ۽ ايس ايس پي دادو آسرا ٿو ڏي. هن الزام هنيو ته پوليس جاگيردارن کي خوش ڪري رهي آهي ۽ انهن جي ونگار پئي ٿي وھي، ھن چيو ته جي اگر اسان جي ايف آء آر داخل نه ڪئي وئي ته عيد کان پوء هاء ڪورٽ وينداسين اسان کي ڪورٽن مان انصاف جي پوري اميد آهي.










