گهوٽڪي ۾ پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

گهوٽڪي ۾ پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

گهوٽڪي(ن س) سنڌ جي علائقي گهوٽڪي ۾ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب شهيد اهلڪارن ۾ علي گوهر دايو ۽ اشوڪ ڪمار شامل آهن، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار عزيز ميراني زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته رات جي وقت 10 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پوليس پوسٽ تي فائرنگ ڪئي.ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته پوليس ڌاڙيلن جو تعاقب ڪري رهي آهي، شڪ آهي ته حملو ڌاڙن جي جاگيردار ٽولي ڪيو آهي.پوليس موجب گذريل ڏينهن ڪچي واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران جاگيراڻي گروپ جا 2 ڏوهاري مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو