ڊالر سستو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مليل جليل رجحان

ڊالر سستو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مليل جليل رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو انتهائي سست رفتاري سان جاري آهي.ڊالر جيڪو ڪالهه سستو هو اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 15 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 90 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات منفي هئي جيڪا ڪجهه وقت کانپوءِ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 4 پوائنٽن جي واڌ سان 40 هزار 452 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 40,448 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو