پوليس ڪاروائي،3 عورتن تي مشتمل چورن جو ٽولو گرفتار

پوليس ڪاروائي،3 عورتن تي مشتمل چورن جو ٽولو گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي عوامي ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 3 عورتن تي مشتمل چورن جي ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار عورتن ۾ نازيه، حميده ۽ اقرا شامل آهن.گينگ جون عورتون مختلف بازارن ۽ ڀرپاسي وارن هنڌن تي چوريون ڪن ٿيون.پوليس موجب مختلف بازارن مان عورت چور گينگ جي سي سي ٽي وي فوٽيجز به وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ عورتون سامان چوري ڪندي نظر اچي رهيون آهن.پوليس موجب گرفتار عورتن مختلف بازارن ۾ عورتن جي پرس مان موبائل فون سميت رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.وابدار عورت خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ لاءِ وومين ٿاڻي تي موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو