ڪچي ۾ آپريشن جاري، ڌاڙيلن جا اهم ٺڪاڻا تباهه

ڪچي ۾ آپريشن جاري، ڌاڙيلن جا اهم ٺڪاڻا تباهه

ڪمون شهيد(ن س) ڪمون شهيد سنڌ پنجاب دنگ رحيم يار خان ۽ راجنپور ڪراچي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو، پوليس خطرناڪ ڏوھاري ڪو ڄاڻي، لاٺاڻي مزاري گينگ جا ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا پوليس غني لاٺاڻي جي ٿاڪن کي به پنهنجي ڪنٽرول سنڀالي ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن. آپريشن ۾ پوليس فورس، ايليٽ ٽيمون، ڊي پي او رضوان عمر گوندل جي اڳواڻي ۾ پوليس جي جوانن جي اڳڀرائي جاري رکندي غني لاٺاڻي ۽ ان جي آس پاس ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا ۽ علائقي جو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ پوليس بهترين حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي ڪجھه ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو ڊي پي او رضوان عمر گوندل جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان پوليس فورس کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي آپريشن ۾ هن وقت تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، 6 گرفتار ڪيا ويا آهن، ڏوھارين جي ڪيترن ئي ڳجهن ٺڪاڻن جو پتو لڳائي کيس تباهه ڪيو آهي ۽ انهن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن هن چيو ته هن آپريشن کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائي ڪچي کي امن جو مرڪز بڻايو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو