لاهور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عدليه ذريعي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو خواب چکنا چور ٿي ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي طلال چوڌري چيو آهي ته پهريان فيصلو ڪيو ته روئڻو آهي يا انقلاب آڻڻو آهي، پهريان فيصلو ڪيو ته انقلاب کان اڳ ضمانت ڏينداسين يا انقلاب کانپوءِ،طلال چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي ڪهڙو انقلاب آهي جو عمران نيازي بيل پارڪ جي بنڪر مان ٻاهر نه ٿو اچي سگهي.هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ آئين کي اوليت ڏيڻي هئي، بيان پابندي مڙهيل تنظيمن جي شرارت کي ڀڙڪائڻ جي سازش جو اعتراف آهي.










