اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي چيف جسٽس کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي قدم کڻڻ نٿي چاهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته پيپلز پارٽي رڳو چيف جسٽس کي فل ڪورٽ ٺاهڻ چاهي ٿي. قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي پيپلز پارٽي سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ کان ڊيڊ لاڪ نه پر ڳالهيون چاهي ٿي.










