اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات (يو اي اي) کان فنڊنگ کانپوءِ به آءِ ايم ايف جو اسٽاف سطح جو معاهدو مشڪل ۾ آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جي فنڊنگ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سعودي عرب 2 ارب ڊالرن جي فنڊنگ بابت زباني آگاهه ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار 10 اپريل تي آمريڪا وڃڻ کان اڳ يو اي اي قيادت سان رابطو ڪندو.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ يو اي اي ۾ ترسي سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي اڃا تائين مختلف شعبن لاءِ 900 ارب رپين جي سالياني سبسڊي تي اعتراض آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مهانگائي کي نظر ۾ رکندي سود جي شرح ۾ وڌيڪ واڌ جي مطالبي تي قائم آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته شرح سود مهانگائي جي تناسب سان مقرر ڪئي وڃي.ناڻي واري وزارت ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف به پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










