لاهور جي تخت جي لڙائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيندي، بلاول

لاهور جي تخت جي لڙائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيندي، بلاول

نئون ديرو(رپورٽ شاد محمد ڀٽو) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جو جلسو نئون ديرو هائوس ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن هن ملڪ جو عوام، هاري ۽ غريب پيڙيل طبقو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ياد ڪري رهيو آهي جنهن اهڙيون پاليسون ٺاهيون جنهن ۾ پاڪستان جي حڪومت وڏي زميندار، صنعتڪار يا سردار سان گڏ بيهڻ بجاءِ غريب هاري ۽ مزدور سان گڏ بيهي هارين، مزدورن کي حق ڏياريا جيڪي اڄ به قائد عوام کي ياد ڪن ٿا. هر پاڪستان جنهن وٽ اڄ ووٽ جو حق آهي اهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ياد ڪن ٿا. آئين ڏيڻ وارو، ائٽم بم جو تحفو ڏيڻ وارو، مسلم امه جو قائد چيئرمين آرگنائزيشن اسلامڪ ڪوآپريشن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ياد ڪيو وڃي ٿو. آئون جڏهن به دنيا ۾ ڪٿي به وڃي پاڪستان جي نمائندگي جي ڪوشش ڪندو آهيان ته اڄ به جڏهن مان عرب ملڪن يا آفريڪا ۾ پهچندو آهيان ته اهي پڇندا آهن ته ڇا توهان ذوالفقار علي ڀٽو جا ڏوهٽا آهيو؟ اڄ مان اوهان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اوهان مان ڪوئي مولوي مشتاق کي ياد ڪندو آهي؟ ڪير آهي مولوي مشتاق؟ ڪٿي دفن آهي ڇا ان جي ورسي ٿيندي آهي يا نه جي ٿيندي آهي ته ڪڏهن ٿيندي آهي؟ ڇا اوهان کي ياد آهي ته انورالحق ڪير آهي؟ ڇا ڪنهن هڪ پاڪستاني کي ان جو نالو ياد آهي؟ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ۽ تاريخ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ننڍا ننڍا ماڻهو اچي چوندا آهن ته اهي فيصلا ٻڌائي رهيا آهن. سزائي موت جا فيصلا به ٻڌايا ويندا آهن. قائد عوام آئين پاڪستان جي باني، مسلم امه، 90 هزار قيدين کي آزاد ڪرائيندڙ قائد عوام کي جنهن سزا ٻڌائي هئي اڄ ان کي ڪوئي ياد نٿو ڪري. پر قائد عوام کي اڄ به پوري دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي. مون سوچيو ته اڄ مان پاڪستان جي تاريخ جو جائزو وٺان ته پاڪستان جي اعليٰ عدليه تاريخ جي ساڄي پاسي تي بيهي فيصلا ٻڌايا آهن ۽ ڪٿي غير جمهوري، غير آئيني فيصلا ٿيا آهن. هڪ ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل ڪيس جنهن جو 2012ع ۾ صدر زرداري عدالت کي ريفرنس موڪليو هو ته اسان کي انصاف ڏيو، 2018ع کانپوءِ مان پاڻ سپريم ڪورٽ پهچي ان ريفرنس جو حصو بڻجڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيو ۽ پنهنجي اداري مٿان لڳل داڳ ڌوئي ڇڏيو ۽ اڄ به اسان وزير اعظم پاڪستان کي اپيل ڪنداسين ته اڄ به سپريم ڪورٽ کي اسان جو ريفرنس ياد ڏياري ته اڄ تائين ملڪ جو عوام قائد عوام جي قتل جي انصاف جي اپيل ڪري ٿو. جتي قائد عوام کي شهيد ڪيو ويو اتي ئي قائد عوام جي ڏنل آئين کي ٽوڙيو ويو. جن جن کي قائد عوام حق ڏياريا انهن کان حق کسيا ويا. قائد عوام هارين کي جيڪي حق ڏنا ته عدالتن کان انهن زمينن جي الاٽمينٽ کي غيرآئيني قرار ڏنو ويو. هنن عورتن جا حق کسي ورتا. جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ عدالتن کان سوال اٿيا ته جنرل ضياءَ الحق کي جيڪو ڪو آهي اهو قانوني آهي يا غيرقانوني. انهيءَ عدالت اسان کي ٻڌايو ته ڪو اصل ۾ هڪ انقلاب هوندو آهي. انقلاب پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندو آهي. اعليٰ عدليه جي چوڻ ته جنرل ضياءَ جو جيڪو آئين، ووٽ، جمهوريت تي ڌاڙو هيو ان جي اسان جي عدالتن حمايت ڪئي. جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن آمريت خلاف احتجاج ڪيو ته ملٽري ڪورٽ انهن کي سزائي موت ٻڌائي ته انهن ئي عدالتن ان سزائي موت جي حمايت ڪئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ جڏهن 1988ع م شهيد راڻي جمهوريت بحال ڪرائي پنهنجي قرباني ۽ جدوجهد جي ڪري اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم بڻجي ۽ جنرل ضياءَ جي 11 سالن جي آمريت جو حساب ورتو ته ان جي حڪومت کي فقط 11 مهينا هلڻ ڏنو ويو ۽ 11 مهينا جمهوريت کي برداشت ڪيو ويو ۽ هڪ اخبار جي ڪالم تي حڪومت ڪيرائي انهن جي عدالت کان حمايت ورتي وئي. ايتري قدر جو 1996ع ۾ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ٽوڙيو ويو ۽ ان وقت اسان عدالت ۾ وياسين ته جيڪي پهرين ٽوڙيل حڪومتون بحال ڪيون ويون ته اسان جي حڪومت به بحال ڪرائي وڃي ته عدالت شهيد بيبي جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ ان وقت به هڪ مشهور جج هيو جيڪي لفظ ان جج جا آهن منهنجا ناهن ته ٻه دفعا سنڌ جي وزير اعظم اسان وٽ آئي آهي ته اسان جي حڪومت بحال ڪيو ۽ ٻئي دفعا اسان ان کي منع ڪيو آهي ۽ جڏهن پنجاب جو وزير اعظم اسان وٽ ايندو آهي ته اسان ان جي حڪومت بحال ڪرائيندا آهيون. اهو سوال هڪ مشهور جج پنهنجي ئي ساٿي ججن کان پڇيو هو. اهو به اسان برداشت ڪيو ته قتل به اسان جي گهر ۾ ٿئي ۽ جوابدار به اسان ئي هجون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي صبح جي وقت ۾ حڪومت کي ختم ڪيو ويو جنهن بعد مشرف جو دور آيو ۽ ان وقت جنرل مشرف عدالتن کان پڇيو ته هن جو قدم آئيني آهي يا غير آئيني ته ان وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار چوڌري به ان عدالت جو حصو هيو ته ان وقت آئين جو دفاع ڪندي عدالت ڪهڙو فيصلو ٻڌايو هو. جنهن تي عدالت چيو ته اهو جائز آهي ۽ جيڪو اسان کان گهريو به ناهي اهو به اختيار اسان کان وٺي ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان کي آئين جي ترميم ڪرڻي آهي ته هڪ شخص هوندي به آئين جي ترميم ڪيو ۽ اها اجازت به جنرل مشرف کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏياري. اها اسان جي عدليه جي تاريخ آهي. صدر زرداري 2005 کان جيل ۾ هيو بغير ڪنهن يقين جي صدر زرداري 11 سال جيل ۾ گذاريا. اڄ تائين اسان کي انصاف نه ڏنو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين اسان کان معافي ناهي ورتي وئي. مشرف هڪ دفعو معافي وٺڻ ۽ غلطي تسليم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان مڃان ٿو ته محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ڪوڙا ڪيس بڻايا هئا ۽ اهي مون کان پهريان بڻيا هئا. هن چيو ته پهريان ڏٺو ئي نه هيو مون کي خبر تڏهن پئي جڏهن مان صدر زرداري جو فائيل ڪڍيو ته ڏٺو ته ڪهڙن بيڪار ڪيسن ۾ هي ماڻهو 11 سالن کان جيل ۾ قيد آهي ۽ جڏهن هن معافي گهري ته افتخار چوڌري معافي کي اڏائي ڇڏيو ۽ پوري ملڪ ۾ اين آر او جو شور مڇي ويو. افتخار چوڌري ته پنهنجي تاريخ قائم ڪئي هئي. هن پاڪستان جي اعليٰ عدليه جي لاءِ هڪ تعريف حاصل ڪئي ته پاڪستان جي عدليه ڪو تي اعتراض ڪندو آهي. پر ان جي هڪ لمٽ هوندي آهي. هڪ ڪو کي هو برداشت ڪندا پر ٻي ڪو کي هو برداشت نه ڪندا ۽ پهريان جڏهن جنرل مشرف اچي رهيو هو ته سئو بسم الله ڪئي وئي ۽ جڏهن ٻيهر ايمرجنسي لڳائي وئي ۽ چيف جسٽس کي ڪڍيو ويو تڏهن ان کي خيال آيو ته اصل ۾ هن ملڪ ۾ جمهوريت ناهي ۽ اسان ان چيف جسٽس کي هيرو بڻائي پاڪستان جي عدليه کي تباهه ڪري ڇڏيو. تڏهن کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان جي جڊيشري جي هڪ آمراڻي سوچ قائم ٿي ۽ پوءِ ون مئن ۽ ون شو جي جڊيشري هلي ٿي ۽ اسان جيڪڏهن پارليامان يا ڪٿي به آمريت نٿا مڃون ته اسان اعليٰ عدليه يا سپريم ڪورٽ ۾ به ڪنهن جي آمريت کي تسليم نه ڪنداسين. افتخار چوڌري ته ڪمال ڪيو هٽايو هن کي پرويز مشرف ۽ بحال اسان ڪرايو. هو ٻيهر چيف جسٽس منهنجي جيالن جي محنت، جدوجهد خون ۽ پگهر سان ٿيو. 12 مئي ته ڪراچيءَ ۾ جيڪو جيالن جو خون وهايو ويو اهو به چيف جسٽس ۽ انصاف جي بحالي جي ڪري ۽ ان کي جڏهن ٻيهر ڪرسي ملي ۽ هو چيف جسٽس آف پاڪستان بڻيو ته ان کي آئين ٽوڙيندڙ غدار مشرف ان کي نظر ئي نه آيو ۽ نظر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ ميمو گيٽ نظر آيو. مشرف کي آئين ٽوڙڻ تي اڄ تائين ڪنهن به سزا نه ڏياري سگهي ۽ يوسف رضا گيلاني جڏهن وزير اعظم بڻيو ته آئين نه ٽوڙڻ تي کيس گهر موڪليو ويو. راجا رينٽل جو شور توهان کي ياد آهي جنهن جي هر روز عدالت ۾ پيشي ٿيندي هئي اڄ تائين انهيءَ راجا رينٽل جي پاليسي هلي رهي آهي ڪنهن کي به ڪو شرم آيو، انهيءَ وقت باعزت بري ڪيو ۽ اڄ اهو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر آهي. ڪهڙي قسم جو نظام آهي، اوهان ته هر ظلم جبر برداشت ڪري وڃو ٿا ۽ چئو ته اسان سولين سپرميسي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جمهوريت، ادارن ۽ سپريم ڪورٽ کي بچائڻ چاهيون ٿا، هاڻي سپريم ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ کان ڪير بچائيندو؟ هاڻي اعليٰ عدليه کي پنهنجو پاڻ کان بچائڻو آهي. مسئلا پهريان به ٿيا پر هن وقت جيڪو فرق نظر اچي رهيو آهي اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي نظر آيو. جتي باقي ٽن ججن خلاف ٻيا جج پاڻ اعتراض واري عدم اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. اسان گهڻو برداشت ڪيو پر هاڻي پاڪستان جو عوام گهڻو برداشت نه ڪري سگهندو. مان اوهان کي ڇا ڇا ڳڻايا ته انهيءَ عدالت اسان جي قيادت، ورڪر ۽ اڳواڻن سان ڇا ڇا ڪيو. عيد جي رات اسان جي ايم پي اي فريال ٽالپر کي اسپتال مان گهلي راولپنڊي جيل ۾ وڌو ويو ڪنهن کي آئين ۽ قانون جي فڪر نه هئي. اسان هن ملڪ، سسٽم ۽ اداري جي خاطر گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي. اسان ڪهڙو جواب ڏئي سگهون ٿا ته هن ملڪ ۾ چيف جسٽس چاهي ته ڊئم به ٺاهي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ فنڊ به گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ان حد تائين وڃي سگهن ٿا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺن ٿا ۽ ان کي سزا کان تڏهن بچايو وڃي ٿو جڏهن هو ڊئم فنڊ ۾ پئسا جمع ڪرايو ته معاف ڪنداسين. اها ڪا پراڻي نه پر 2018 جي سپريم ڪورٽ جي تاريخ آهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار پي ٽي آءِ جو پوري مهم هلائي. جيڪڏهن 2018 جي اليڪشن ۾ جيڪا ڌانڌلي ٿي ان ۾ اڳوڻي اسٽيبلشمنيٽ سان گڏ اڳوڻي سپريم ڪورٽ به شامل هئي. اسان چاهيون ٿا ته 2013 ۾ پ پ جيالن آر او جي اليڪشن جو نعرو لڳايو يا 2018ع ۾ سليڪٽيڊ جو نعرو لڳايو، ائين ئي هن سال جي آخر ۾ جيڪا اليڪشن ٿيڻ پئي وڃي ته ان تي ڪير به آڱر نه کڻي سگهي ته هيءَ صاف شفاف اليڪشن ناهي. پيپلز پارٽي جو ڪالهه ۽ اڄ مطالبو رهيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي. ڪنهن هڪ اليڪشن ۾ خان صاحب لاءِ ڌانڌلي ڪرائي وئي، ٻئي اليڪشن ۾ اسان ڌانڌليءَ جي اجازت نه ڏينداسين ته ڪنهن لاءِ ڌانڌلي ڪرائي وڃي. اهو حق پاڪستان جي عوام جو آهي ته اهو فيصلو ڪري ته هن ملڪ جو وزير اعظم ڪير بڻجندو؟ اهو ڪنهن جج جو ڪم ناهي ته اهو فيصلو ڪري. اڄ انهن کي خيال آيو آهي ته فلور ڪراسنگ غلط ۽ غير آئيني آهي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو ٽوڙي هڪ آمر جي حڪومت جوڙي پئي وڃي ته ان وقت فلور ڪراسنگ ڪنهن کي نظر نه آئي ۽ نه ئي اعتراض ٿيو. جڏهن اسان سينيٽ ۾ صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ سينيٽر هڪ پاسي حاصل بزنجو جي حمايت ڪري رهيا هئا، ان وقت فلور ڪراسنگ زبردستي ڪرايو ويو ته ان وقت عدالت جو فيصلو هيو ته اهو پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ جڏهن پنجاب يا تخت لاهور جو سوال اٿي ٿو ته اتي ڪو الڳ قانون هلي ٿو. تخت لاهور جي جڏهن ڳالهه هلي ته ڪنهن سان واعدو نڀائڻ لاءِ آئين کي ٽوڙايو ۽ عدالت غير آئيني فيصلو ٻڌائي پي ڊي ايم کان حڪومت کسي غير آئيني طريقي سان پرويز الاهي کي ڏياري وئي ۽ ان غير آئيني فيصلي جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ آئيني بحران ۾ آهي. اهو ته اسان جي اتحاد جو حق آهي ته هو سوال پڇي ته عدالت اهو فيصلو ڪيئن ٻڌائي سگهي ٿي ته اوهان جو ووٽ به نه ڳڻيو ويندو ۽ اوهان کي ڊسڪواليفاءِ به ڪيو ويندو. اوهان هڪ ماڻهوءَ کي فقط ان ڪري اسيمبلي مان ڪڍي ٻاهر اڇلايو ٿا ته جيئن اوهان جو پسنديده ماڻهو اچي سگهي ۽ اهو اوهان جي موجودگي ۾ الڪيشن جو اعلان ڪرائي سگهي. اهو اسان جي اتحادين جو اعتراض آهي ته جيڪا قوم سان مذاق ڪيو پيو وڃي اهو بدنيتي تي ٻڌل آهي. جيڪو اسان پيپلز پارٽي جو مطالبو آهي ته هن ملڪ کي آئيني بحران مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. ملڪ جي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ عدالت کي گهرجي ته لارجر بئنچ جوڙي اوهان سڀني سان گڏجي ويهي پوري عدالت کي ويهاري سواءِ انهن ٻن ججز جي جيڪي اپوزيشن سان فون تي ڳالهائيندي پڪڙيا ويا. سڀني ججن کي ويهاري اعلان ڪيو وڃي ته سڀاڻي اليڪشن ڪرائي وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي. اسان جو مطالبو آهي ته عدالت کي بچايو، جمهوريت کي بچايو، آئيني بحران کان ٻاهر ڪڍو ۽ پوري لارجر بينچ کي ويهاري فيصلو ٻڌايو وڃي، پورو پاڪستان انهيءَ چيف جسٽس جو لارجر بينچ جي موجودگيءَ ۾ ٻڌايل فيصلو مڃڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ڪا بدنيتي ناهي ته اوهان ٻڌايو ته ان فيصلو ڪرڻ ۾ مسئلو ڇا آهي. اسان چاهيون ٿا ته تاريخ جون ڪيل غلطيون ورجايون نه وڃن. اسان نٿا چاهيون ته جيڪو سبق اسان افتخار چوڌري جي دور ۾ ڀوڳيو ۽ چيف جسٽس گلزار جو شوق هيو ته 1950 واري ڪراچي ڏسان جنهن لاءِ هن ڪيترن ئي غريبن جا گهر ڊهرائي پٽ ڪرايا، ثاقب نثار واري غلطي نٿا ورجائڻ چاهيون. اسان چاهيون ٿا ته عطا بنديال کي تاريخ آئين کي بچائڻ ۽ پاڪستان کي بحران کان ٻاهر ڪڍڻ واري چيف جسٽس طور ياد رکي. خطرو اهو آهي ته 3 ججن جي انا جي وجا کان پاڪستان ۾ جيڪو آئيني بحران پيدا ٿي رهيو آهي اهو اسان کي غلط ۽ خطرناڪ رستي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. هنن کي پارٽيون مٽائي مزار ڪرڻا آهن ۽ جيل وڃڻو آهي ته اسان کي وڃڻو آهي. جمهوريت لاءِ وڙهڻو پيو ته توهان ۽ اسان ئي بچنداسين، اسان جي ئي شهيد ٿيندا آهن، اسان جا ئي قبرستان ڀريل آهن. ان لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پرزور مطالبو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ ججز کان آهي ته پاڪستان کي بچايو. اسان کي جيڪو خدشو يا خطرو آهي ته تخت لاهور جي لڙائي پوري پاڪستان ۽ وفاق ۽ معيشت کي لوڙهي ڇڏيندي. ملڪ جيڪو هن وقت معاشي بحران کي ڏسي رهيو آهي اهو تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ويو. تاريخي غربت، مهانگائي، بيروزگاري عوام ڀوڳي رهيو آهي. 2007 کان وٺي دهشتگرد جيڪي اڄ تائين ناهن پڪڙيا ويا. ڪراچي ۾ پوليس سان پيش آيل دهشتگردي واقعي ۾ اسان جو ئي ٻچو لاڙڪاڻي واسي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردي اسان جي مٿي جو سور بڻجي چڪي آهي جيڪڏهن ملڪ انهيءَ طرف هلندو رهيو ته اڳتي نه مان هوندس، نه شهباز شريف هوندو ۽ جيڪڏهن عمران خان کي غلط فهمي آهي ته اهو هوندو! پر اهو به نه هوندو!. هڪ ٻيو خطرناڪ تجربو ٿيندو جنهن جي قيمت پاڪستان جي عوام کي چڪائڻي پوندي جنهن جو وزن پاڪستان جو ايندڙ نسل ڀوڳيندو. اسان چاهيون ٿا ته نفرت ۽ طاقت جي نشي ۾ ٿيندڙ جنگيون ڪرڻ بجاءِ ملڪ جي عوام جا جيڪي اهم اشوز غربت، بيروزگاري، مهانگائي، بک، بدحالي، امن امان جي صورتحال آهي اهو اسان جي مستقبل جو سوال آهي. پاڪستان جي معاشي ترقي جو سوال آهي. جيڪو اسان جي زراعت ۽ سفيد پوش ماڻهن جو مستقبل آهي جيڪڏهن اسان گڏجي محنت ڪنداسين ته انهن مسئلن کان ٻاهر نڪري سگهنداسين ۽ انا جي خاطر سڀئي ادارا ڇڙ وڇڙ رهيا ۽ نفرت جي سياست هلي ته ان جو قيمت عوام کي ادا ڪرڻي پوندي. اسان اڄ قائد عوام کي ياد ڪندي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي پيغام ڏيون ٿا ته هوش کان ڪم وٺو. ملڪ ۽ ادارن کي بچائڻو ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻي آهي. قائد عوام جي ريفرنس جو حڪومت کان هڪ ڀيرو ٻيهر ججز جي توجهه لاءِ ياد ڪرائينداسين. اسان کي اميد آهي ته جيڪڏهن گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته مسئلن جو حل نڪري ايندو. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي ورڪرن غيرت سان انهن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا. اسان اڳتي به ڪوشش ڪنداسين ته نفرت ۽ ورهاست واري سياست کي دفن ڪريون. پوري پاڪستان لاءِ هڪ ئي پيغام آهي ته نه توهان جو نه اسان جو اسان سڀني جو پاڪستان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو