ٻن ججن کانسواءِ فل ڪورٽ ٺاهيو، فيصلو قبول هوندو

ٻن ججن کانسواءِ فل ڪورٽ ٺاهيو، فيصلو قبول هوندو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اتحادي حڪومت موجوده بينچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي، جيڪڏهن چيف جسٽس فل ڪورٽ ٺاهي ۽ پاڻ کي ڌار ڪندڙ ججن کي شامل نه ڪيو ته پوءِ فيصلو سڄي قوم کي قبول هوندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته موجوده بينچ تي اعتمادي ناهي، بائيڪاٽ جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو. هن چيو ته جنهن جج پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪيو اهو ڪيئن ڪيس ٻڌي سگهي ٿو؟ شهباز شريف چيو ته خواهش آهي ته چيف جسٽس اڄ به فل ڪورٽ ٺاهي ۽ ان ۾ بينچ کان پاڻ کي ڌار ڪندڙ جج شامل نه ڪيا وڃن ته عدالت جو فيصلو قبول هوندو. وزيراعظم قومي اسمبلي ۾ ٻئي ڀيري ڳالهائيندي چيو ته چيف جسٽس جيڪو چوي ٿو ته اسين ضمانت ڪرائي ايوان ۾ آيا آهيون، ان کي اهو نظر نٿو اچي ته هو عدالت م طلب ڪرڻ جي باوجود نٿو اچي، هاڻي چوي ٿو ته بشرا بيبي ڪنهن عهدي تي نه هئي، مان پڇان ٿو ته مريم نواز ڪهڙي سرڪاري عهدي تي هئي جو ان کي جيل ۾ رکيو ويو؟ هن چيو ته ٻٽو معيار بند ڪريو. مان عمران نيازي جي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ويس، برطانيا جي ايجنسي اسانکي بيگناهه قرار ڏنو، ڊيلي ميل ڪوڙي خبر تي معافي ورتي، ڪاش چيف جسٽس ان جو به ذڪر ڪري ها. هن چيو ته اسان تي ڪو ڪيس ثابت ناهي ٿيو،ڪوڙا الزام آهن، ان بنياد تي چيف جسٽش کي نٿو جڳائي ته اهڙا ريمارڪس پاس ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو