اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر ڪيوريٽو نظرثاني درخواست جي منظوري ڏني ۽ سول نظرثاني درخواست ۾ سي ايم اي واپس وٺڻ جي منظوري ڏني.صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 48-1 تحت وزيراعظم جي مشوري تي ڏني.صدر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ انيس احمد شهزاد جي حق ۾ پاور آف اٽارني تي صحيحون پڻ ڪيون.










